تاريخ شورا

تاريخ شورا

تاريخ شورا

تاريخ شورا (ڪتاب ): هي ڪتاب سنڌ جي سماٽ قبيلي ’شورن‘ جي مختصر تاريخ تي مشٽمل آهي، جنهن جو مصنف دوست محمد نور محمد ڀٽي آهي. هن ڪتاب ۾ شورا قبيلي جي ابتدا، هندو مذهب ۾ داخل ٿيڻ، کترين مان سماٽ قبيلن ۾ اچڻ، سنڌ ۾ اچڻ، برهمڻ قبيلن وقت شورن جي حيثيت کان ويندي شورن جي موجوده ڳوٺن ۽ آباديءَ بابت مواد شامل آهي. هن ڪتاب ۾ شورن جي نامور شخصيتن ۽ اڳواڻن جون رنگين تصويرون پڻ ڏنل آهن. ڊيمي سائيز جلد پڪي واري هن ڪتاب ۾ 173 صفحا آهن ۽ قيمت 100 رپيا آهي. هي ڪتاب مير مشتاق علي شوري طرفان 1997ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو